دريا خان جلباڻي

دريا خان جلباڻي: مشهور سياستدان دريا خان ولد رئيس الله بخش جلباڻي، 1930ع ڌاري ڳوٺ خان جلباڻي'>دريا خان جلباڻي، نزد ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڪراچيءَ مان ورتي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه يونيورسٽي ويو، جتان ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هيءُ پنهنجي علائقي جو معزز زميندار هو. ايوب خان جي دؤر حڪومت ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو ۽ ٻه دفعا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن وڙهيو. خان جلباڻي'>دريا خان جلباڻي 1979ع ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ به بيٺو. هو پارلياماني سيڪريٽري پڻ رهيو. خان جلباڻي'>دريا خان جلباڻي سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو چيئرمئن ۽ ڪراچي ريس ڪورس جو به چيئرمئن ٿي رهيو.
رئيس دريا خان جلباڻيءَ کي چار پٽ ٿيا، جن مان (1) رئيس نور محمد جلباڻي پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر ٿيو، (2) رئيس سليم رضا جلباڻي، (3) رئيس شڪيل احمد، (4) رئيس وسيم حيدر.
رئيس دريا خان جلباڻيءَ، تاريخ 16 سيپٽمبر 1979ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ دريا خان جلباڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو